بيوقوف ٿيڻ کان پاڻ بچايو

جيئن جيئن ٽيڪنالاجي عام ٿيندي ويندي اوترو ماڻهو جلدي بيوقوف ٿيندا ويندا.“ (آلبرٽ آئينسٽائين)

اڄڪلهه جي دؤر جو انسان ڪيڏو نه لالچي ۽ مطلب پرست ٿي ويو آهي جو هو پنهنجي ٿوري فائدي لاءِ ٻين جو ڪيڏو نه نقصان ڪري ڇڏي ٿو. خاص ڪري جتي جديد مواصلاتي نظام ۽ انٽرنيٽ جي ٽيڪنالاجي جيتريون سهولتون ميسر ڪيون آهن. اوترو انسان اُنهن جو غلط استعمال ڪري پنهنجي لاءِ مصيبتون به پيدا ڪرڻ کان ڪو نه گهٽايو آهي. توهان رڳو انٽرنيٽ تي پنهنجي گوگل دوست (Google Search) ۾ لکندو ته:

“How to make 1000 dollars a day”

ته توهان کي هڪ سيڪنڊ کان گهٽ وقت ۾ هزارين اهڙيون ويب سائيٽس ملنديون، جتي عجيب و غريب قسم جي ماڻهن کي ڌوڪو ڏيئي پئسا ڪمائڻ جون اٽڪلون ۽ طريقا نظر ايندا. هاڻي اهو توهان تي منحصر آهي ته توهان اهڙن غلط ۽ فريبي طريقن سان ڪمائڻ ته نٿا چاهيو؟ منهنجو مشورو آهي ته توهان کي اهڙين غلط طريقن سان ڪمائڻ کان هرگز پاسو ڪرڻ گهرجي جو ان جو آخر ۾ ڏاڍو خراب نتيجو نڪرندو آهي.

منهنجي هڪ پراڻي شاگرد کي نوڪرين تبديل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هڪ دفعي هن جي انٽرنيٽ تي هڪ سُٺي جاب تي نظر پئي، جيڪا ڪنهن آفريڪن ملڪ ۾ هئي ۽ پگهار تقريبن پنج هزار ڊالر هيو. همراهه چيو ته قسمت آزمايون ٿا ۽ پنهنجي CV هُن جاب لاءِ موڪلي ڇڏي. هفتي کن ۾ همراهه جو فون تي انٽرويو ٿيو. ٻيو انٽرويو 2 ڏينهن رکي skype جي ذريعي ٿيو ۽ نوڪري جي آفر ٿي ويئي اسان جو هي جهونو شاگرد ڏاڍو خوش ٿيو. پر في الحال اها ڳالهه ڪمپني جي ڏنل مشوري مطابق ڪنهن کي به ڪا نه ٻڌائي. آفريڪن ڪمپني وارن چيو ته ٽڪيٽ وغيره به اسان ڏينداسين ۽ ويزا جو خرچ به ڪمپني تي. صرف توکي پنهنجي پاڪستاني بئنڪ ۾ هڪ مهيني جي پگهار برابر يعني پنج هزار ڊالر جيترو پاڪستاني روپين جو بئنڪ بيلنس هئڻ کپي جو اهو ويزا لاءِ ضروري آهي. باقي تنهنجو ڪو به خرچ ڪو نه ٿيندو. ڪجهه ڏينهن ۾ ويزا ۽ ٽڪيٽ به همراهه جا اچي ويا. رواني ٿيڻ کان اڳ آفريڪا مان ڪمپني وارن فون ڪري چيو ته توهان پنهنجو چيڪ بڪ ۽ ليٽيسٽ بينڪ اسٽيٽمينٽ ضرور گڏ رکجو جو ايئرپورٽ تي ويزا وارا توهان کان اهي شيون پڇندا. همراهه جيئن ايئرپروٽ کان ٻاهر نڪتو ته هُن کي ڪمپني طرفان ڪيل رينٽ تي آيل ڪار هوٽل ڏي وٺي ويئي. هڪ ڏينهن آرام ڪرڻ کانپوءِ هُن کي ٻئي ڏينهن شهر کان پري هڪ گهر ۾ وٺي ويا، جتي ٻڌايون ته هي هڪ انٽرنيشنل آفيس آهي، جتي توکي رڳو اسٽاف جي حاضري وٺڻي آهي. ٽي چار ڏينهن ائين سلسلو پي هليو. چوٿين ڏينهن جڏهن همراهه کي واپس هوٽل جي ڪمري تي ڇڏڻ آيا ته ڏٺائون ڪمري ۾ هڪ گلاس ٽٽو پيو آهي. اُن تي ڪمپني وارن ڏاڍو شور مچايو ۽ گلاس ٽوڙڻ جو الزام لڳايو. چيائون ته هي گلاس خاص قسم جي ڪرسٽل جو آهي، جنهن جي قيمت لکن ۾ آهي. هاڻي هوٽل جو مالڪ اسان کان پنج هزار ڊالر ڏنڊ وٺندو. ائين ڪندي همراهه کي ايترو ته پوليس جو خوف ڏنائون ۽ اهڙو ته سوڙهو ڪيائون جو هُن پنج لک روپين جو چيڪ ڏيئي جان ڇڏائي ۽ جيئن ئي اها رقم آفريڪي جي اڪائونٽ ۾ آئي تيئن 3-4 ڏينهن بعد همراهه کي واپس روانو ڪيائون. اهڙي طريقي سان آفريڪي ڪمپني هُن تي ڪو لک ڏيڍ خرچ ڪري ساڍا ٽي لک هڙپ ڪري ورتا. همراهه پاڻ کي ڦرائي واپس اچي خير سان پاڪستان پهتو ۽ اهي حال احوال مون سان ان ڪري ڪيائين ته جيئن ڪو مون کان اهڙي نوڪري لاءِ صلاح پڇي ته منع ڪيانس.

هائر ايجوڪيشن جي ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ به يونيورسٽي ۾ پروموشن حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪجهه خاص اسٽينڊرڊ ۽ نالي وارن جرنلن ۾ تحقيقي مقالا ڇپائڻا پوندا آهن. اڄڪلهه ايتريون ته Fake ويب سائيٽس انهن جرنلن جي نالي تي ٺهيل آهن جو ماڻهن کان ٻه چار سئو ڊالر وٺي جلد مقالا ڇپڻ جو بهانو ڪري غائب ٿي وينديون آهن. اهڙي هڪ جرنل جي باري ۾ انڪشاف ٿيو ته هڪ افريڪي ملڪ جي باشندي هڪ مشهور جرمن جرنل جي نقلي ويب سائيٽ ٺاهي پندرهن ڏينهن ۾ ڪي پنج ست ڪروڙ هڙپ ڪري ورتائين. جيئن اصلي جرنل کي خبر پيئي ۽ اُنهن جاچ شروع ڪئي، ايتري ۾ گهڻن ئي سياڻن جو ڪم لهي ويو هليو. اسان جي هڪڙي دوست ٻڌايو ته هُن کي هڪ اي ميل آئي ته هُن جي ڪنهن دوست جو يورپ جي ملڪ ۾ پرس ۽ پاسپورٽ گم ٿي ويو آهي ۽ کيس جلد پنج سئو ڊالر فلاڻي اڪائونٽ ۾ موڪليو. هن سوچيو ته يار دوست کي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ کپي. سو بينڪ پئسا ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ پي ويو. وري سوچيائين ته دوست ته مون کي ٻڌايو ڪونهي ته هو ڪو يورپ وڃي رهيو آهي سو کڻي فون ڪيائين ته پتو پيو ته هو اسلام آباد ويل آهي ۽ هُن جو اي ميل اڪائونٽ ڪنهن Hack ڪري، اها ڪوڙي ميل ڪئي اٿس. سو اهي آهن هيڪرس جا ڪم. توهان کي سدائين اي ميل ڪندا ته پنهنجو پاس ورڊ وغيره موڪليو نه ته اي ميل اڪائونٽ بند ٿي ويندو حالانڪه توهان کان ڪڏهن به سروس پرووائيڊر پاس ورڊ نه گهرندو آهي نه ڪڏهن وري بئنڪ email وسيلي پن (Pin) ڪوڊ يا اڪائونٽ جا تفصيل گهرندي آهي. انگريز چوندا آهن ته “There is no free lunch in the world” ته اسان کي به ڏاڍو غور فڪر ڪرڻ کپي ته مفت ۾ ڪا به شيءِ نه ملندي آهي، ضرور هُن ۾ ڪا ٺڙک ٺڳي هوندي جو انٽرنيٽ يا اي ميل وسيلي ڪا لالچ ڏيئي اهي فراڊي ڪيترن ئي معصومن کي ڦاسائي وٺندا آهن. ڪن ماڻهن کي نوڪري جي لالچ ۾ ته ڪن کي مفت ۾ ڪروڙن جي لاٽري حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ته ڪي آمريڪا جي شهريت وٺڻ جي لاچ ۾ ته ڪي شادي جي لالچ ۾ مقصد ته نقصان کائي پاڻ کي ڦاسائڻو آهي.

اسان کي جڏهن به ڪا اهڙي اي ميل يا خط اچي ته اسان ضرور سوچيون ته هن ۾ ضرور ڪو نه ڪو فراڊ هوندو.

Leave a Comment