Uncategorized

From my own experience

A journey of thousand miles begins with one small step.” (Chinese proverb)

(هزارين ميلن واري سفر جي ابتدا هڪ ننڍڙي وِک سان ٿئي ٿي….. هڪ چيني چوڻي)

ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن اسان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ ننڍڙين ننڍڙين شين جو خيال رکون ته زندگي ڪيڏو نه آسان بڻجي ويندي آهي. مثال طور اسان گهڻو ڪري ڏٺو آهي ته باٿ روم ۾ ڏندن جا برش سڀ هڪ گلاس ۾ پيل هوندا آهن؛ پروفيسر هئڻ جي ناتي آئون ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي برش جي بجاءِ گهر جي ٻين ڀاتين جو برش استعمال ڪري ڇڏيندو هوس. آخرڪار مون اهو طريقو ڪڍيو ته جيئن ته منهنجو نالو انگريزي جي ليٽر “B” سان آهي ته ڇو نه آئون پنهنجو برش بِلو(Blue) رنگ جو وٺان ۽ ائين سدائين لاءِ اهو مسئلو حل ٿي ويو. وري جڏهن آئون برش ڪندو هوس ته ان دوران 4-5 منٽ نلڪو کليو پيو هوندو هو ۽ ان مان سدائين پاڻي پيو وهندو هو، جيستائين برش ڪري وٺان. هڪ ڏينهن مون 2 لٽر جي خالي بوتل کڻي نلڪي هيٺ جهلي بيٺس. مون ڏٺو ته انهيءَ 4-5 منٽن دوران بوتل ڀرجي ويئي ۽ مون کي هن ڳالهه جو ڏاڍو احساس ٿيو ۽ اُن ڏينهن کان آئون برش ڪرڻ مهل نلڪو بند رکندو آهيان. اڄ هن ڳالهه کي ويهه سال ٿي ويا آهن. هاڻي جڏهن حساب ڪندو آهيان ته خبر ٿي پوي ته مون 14400 لٽر قيمتي پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچايو. هڪ اندازي موجب جيڪڏهن اسان جي شهري آبادي جا صرف 2 ڪروڙ ماڻهو روزانو اها بچت ڪن ته هڪ اندازي موجب چار ڪروڙ لٽر پاڻي روزانه ضايع ٿيڻ کان بچي پوندو ۽ ساڳي نموني سان اسان جي گندي پاڻي جي نالين تي به پريشر گهٽبو. خاص ڪري سرڪاري ادارن ۾ هر وقت موٽروي پيون هلنديون آهن. فليش ٽينڪ ۽ over head ٽينڪ پاڻي پيون هلنديون آهن. ڏٺو اهو ويو آهي ته پاڻي جو زيان بجلي جو به زيان. معمولي ڪوشش وٺي ۽ نظرداري سان بنا ڪنهن خرچ جي اهو سڀ ڪجهه بچائي سگهجي ٿو.

اڄ کان 30 سال پراڻي ڳالهه آهي ته انگلينڊ ۾ منهنجو هڪ برازيلين دوست ايڊسن جييسوئلاڊو (Edson Gesualdo) هوندو هو ۽ شاپنگ ڪرڻ هُن جي ڪار ۾ اسان گڏ ويندا هئاسين. سيءَ هئڻ جي ڪري هُن کي هميشه هڪ ڪوٽ پاتل هوندو هو، جنهن کي ڏهه ٻارنهن کيسا هوندا هئا. يعني اسان کي اهي ڪوٽ لنڊي جي سامان ۾ سياري ۾ گاڏن تي نظر ايندا آهن ۽ جڏهن اسان شاپنگ مڪمل ڪري واپس گاڏي وٽ ايندا هئاسين ته هو چاٻي ڳولڻ لاءِ پورا ڏهه پندرهن منٽ لڳائي ڇڏيندو هو. هُن کي ياد نه هوندو هو ته ڪهڙي کيسي ۾ چاٻي رکي آهي ۽ وري جلدي نه ملندي هئي ته سمجهندو هو ته شاپنگ دوران شايد ڀل ۾ هن ڪٿي وساري ڇڏي آهي. اسان پنهنجي هٿن ۾ ٿيلهيون (شاپرس) گروسري واريون ڳريون هئڻ جي ڪري ڏاڍو تنگ ٿيندا هئاسين ته ڪو هن کي چاٻي جلدي ملي. خاص ڪري ايڊسن جي زال ماريا ڏاڍي ڪاوڙبي هئي. هڪ ڏينهن مون ايڊسن کي چيو ته تون پنهنجي ڪار جي چاٻي گهر جي چاٻي، پرس ٽنهي جا کيسا بلڪل فڪس ڪري ڇڏ. اُن ڏينهن کانپوءِ هو منهنجو مريد ٿي ويو. چيائين ته ڀواني تو منهنجي زندگي آسان ڪري ڇڏي آهي. وڌيڪ ٻڌايائين ته زال مڙس جو سدائين جهيڙو پيو ٿيندو هو. جڏهن ايڊسن پنهنجي رکيل شيءِ نه ملڻ جي صورت ۾ زال کي چوندو هو ته تو هِتان کنئي آهي. ايڊسن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن stepler اسٽيپلر هُن کي کپي پيو، ته ان ۾ اڌ ڪلاڪ ڳولڻ ۾ لڳي ويو. جڏهن کان مون هُن کي هر شيءِ جي جاءِ مقرر ڪرڻ لاءِ چيو ته اُن کانپوءِ هُن هر شيءِ جو هنڌ فِڪس ڪري ڇڏيو ۽ هر وقت چوندو هو ته منهنجي زندگي هاڻي آسان ٿي ويئي آهي.

اِهي آهن ته تمام ننڍڙيون ڳالهيون جنهن جي ڪرڻ سان ٽائيم جي ڪافي بچت ٿي ويندي آهي. ماڻهو جهيڙي ۽ خوامخواهه جي بحث کان به ڇُٽي پوندو آهي.

اسان پنهنجي گهر ۾ گند ڪچري لاءِ چار مختلف دٻا رکيا آهن. هڪ دٻي ۾ گند ڪچرو وجهندا آهيون. ٻي دٻي ۾ ڀاڄي، فروٽ جا ڇلڪا، خاص ڪري ڇانهين، گدري ۽ سردي جا ڇلڪا، چانهه جي پتي، اٽي جو ڇاڻ، ماني جا بچيل ٽڪرا وغيره وجهندا آهيون، جيڪي روز گڏ ڪري شام جو کير واري کي ڏيئي ڇڏيندا آهيون، جيئن هو پنهنجي واڙي تي مال کي کارائي. ٽين دٻي ۾ وري سافٽ ڊرنڪ جون بوتلون، لوهه جا ڪين وغيره خالي ٿيندا آهن ته وجهندا آهيون. چوٿين دٻي ۾ ڪاغذ ۽ اخبار جا ٽڪڙا، خالي ٽيشو باڪس جا دٻا، ڪنهن به ڪاغذ جي پيڪنگ ۾آيل شيءِ مان خالي ٿيل لفافا يا باڪس وغيره وجهندا آهيون. اسان وٽ سدائين هڪڙو ننڍڙو ڇوٽو نوڪر رکيل هوندو آهي، جيڪو اِهي شيون ريڙهن وارا ايندا آهن ته اُنهن کي وڪڻي پنهنجي خرچي گڏ ڪندو آهي. ان سان ڪيترائي فائدا ٿين ٿا. هڪ طرف توهان اَن ۽ کاڌي جي ٻين شين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو ٿا ته ٻئي طرف اسان جي گند ڪچري وارو دٻو به دير سان ڀربو آهي. ٽين طرف ڇوٽو جي خرچي نڪري ايندي آهي.

هڪ ٻيو مثال به هت ڏيندو هلان ته مون پنهنجي گهر ۾ اڄ کان پنج يا ڇهه سال اڳ گيزر جي استعمال تي غور ڪيو، ڇو ته سردي ۾ 14 کان 15 سئو هر مهيني بل ايندو هو، جنهن سان نه رڳو منهنجا پئسا ضايع ٿيندا هئا پر گئس پڻ ضايع ٿيندي هئي. ان جو حل مون ائين ڪڍيو ته گيزر 24 ڪلاڪ هلائڻ بجاءِ رات جو 11 کان 12 بجي تائين يعني صرف هڪ ڪلاڪ هلائڻ شروع ڪيو، جنهن سان صبح جو اسان کي 14 کان 15 گرم پاڻيءَ جون بالٽيون مهيا ٿي وينديون هيون ۽ اسان جو پورائو ٿي ويندو هو. ان سان فائدو اهو ٿيو ته هڪ طرف گئس جو واهپو گهٽيو ته ٻئي طرف بل صرف 400 في مهينو اچڻ لڳو، جنهن مان اسان کي سياري جي 6 مهينن ۾ 5 کان 6 هزار روپيا بچت ٿي ۽ ان بچت مان مون هڪ غريب ريڙهي واري جي گهرڻ تي کيس 5 هزار روپيا ڏنا، جنهن مان هن ريڙهي تي سبزي رکي وڪرو ڪرڻ شروع ڪئي. اهو ٻڌائيندي مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته ان ريڙهي واري ان مان بچت ڪري ايترو ڪمايو جو هاڻي ڪراچيءَ ۾ سبزي جو دڪان کوليو اٿائين ۽ ڪاميابيءَ سان زندگي گذاري رهيو آهي. نه رڳو ايترو پر مون کان مدد طور ورتل اُهي 5 هزار روپيا پڻ واپس ڪيائين.

اِهي سڀ ڳالهيون آهن ته تمام ننڍڙيون ننڍڙيون پر جي اسان انهن تي بنا ڪنهن پئسي ۽ وقت ضايع ڪرڻ جي عمل ڪريون ته زندگي ۾ ڪافي سٺيون تبديليون آڻي سگهون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *