Uncategorized

ٻين جي صلاحيتن کي نه پر پنهنجي صلاحيتن کي ڏسو

هر روشن خيال انسان کي خبر آهي ته ٻين جي باري ۾ غلط سوچ رکڻ سان ڪو خاص مقصد حاصل ڪو نه ٿيندو آهي. هن دنيا ۾ اُهي ماڻهو وڌيڪ ڪامياب ٿيندا آهن جيڪي بلند خيالات رکندا آهن، جيڪي نئين سوچ رکندا آهن، اُنهن کي سدائين فڪر هوندو آهي ته اسان پنهنجو پاڻ ۾ سٺيون تبديليون آڻي، انسانذات کي فائدو رسايون ۽ پاڻ به اڳتي وڌون. ٿوري دير لاءِ سوچون ته انسان ۾ جيڪڏهن اهو جذبو، اها سوچ، اها فڪر نه هجي ها ته اڄ به اسان چمڙي مان ٺهيل پوشاڪ سان بدن ڍڪيون ها. شاباس هجي اُنهن مفڪرن، سائنسدانن، اهڙن، سماجي خدمتگارن، ليکڪن، تعليم دانن، ايجادون ڪندڙن کي جن پنهنجو پاڻ پتوڙي انسانذات لاءِ هن مالڪ جي ڌرتي تي زندگي کي آسان ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي. انسان جي ڏاڍي خوشقسمتي آهي جو ٽيليفون ايجاد ڪندڙ جڳ مشهور سائنسدان گرهام بيل (Graham Bell) جي زال ڄائي ڄم کان ڪنن کان ٻوڙي هئي. گرهام بيل سائنسي تجربا پي ڪيا ته جيئن انساني آواز سندس ٻوڙي زال جي ڪنن تي پُڄي انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ان ٽيليفون ايجاد ڪري ورتو ۽ پوري دنيا هُن جي ايجاد مان اڄ ڪيڏو نه فائدو وٺي رهي آهي، جو فون جي لائين ۽ انٽرنيٽ ذريعي هڪ گلوبل وليج ٿي ويئي آهي.

يونيورسٽي پروفيسر هئڻ جي ناتي ڪيترائي مائٽ پنهنجي اولاد جي مستقبل (Future Career) لاءِ مشوري خاطر مون وٽ ايندا آهن. خاص ڪري اُنهيءَ وقت جڏهن يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلائون شروع ٿينديون آهن. جيڪڏهن مئٽرڪ پاس ڪري ٻار فرسٽ ييئر ۾ داخلا وٺندو آهي ته پڇندا آهن ته سائين ٻار کي انجنيئرنگ ۾ وجهون يا ميڊيڪل ۾. وري جي ٻار انٽر ڪري يونيورسٽي ۾ داخلا فارم ڀريندو آهي ته پوءِ وري ٽيڪنالاجي جو پڇندا آهن ته ڪهڙي سُٺي آهي. منهنجو وري هر هر اُهو ئي جواب هوندو آهي ته ٻار جو شوق (Interest) ڪنهن ۾ آهي، جنهن ۾ هُن جو پنهنجو شوق هوندو، اُن ۾ هو محنت به وڌيڪ ڪندو ۽ ڪاميابي ماڻيندو. اهو منهنجو پنهنجو ٽيهن سالن کان مٿي جو تجربو آهي ته جيڪڏن شاگرد پنهنجي شوق سان ڪنهن به شعبي ۾ ويو آهي ته ان ڪاميابي ماڻي آهي. ڀلي اُها مائينگ هجي يا ميٽلرجيڪل، آرڪيٽچر هجي يا انڊسٽريل انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪس هجي يا ڪيميڪل پنهنجي شوق ۽ محنت سان شاگرد هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. آئون شاگردن ۽ سندن مائٽن کي انجنيئرنگ جي حوالي سان اهو ئي چوندو آهيان ته هر شعبي جو اسڪوپ آهي. اسڪوپ اسان کي Create ڪرڻو آهي. مون کي پنهنجي ڳالهه ياد ٿي اچي ته اڄ کان تقريبن 38 سال اڳ مون ٻين ٽيڪنالاجين کي ڇڏي اليڪٽرانڪس ان ڪري کنئي جو والد صاحب ريڊيو ٻڌندي اليڪٽرانڪس جو ذڪر ڪندا هئا. جڏهن ته اُن وقت اسان جي ملڪ ۾ ڪو به اليڪٽرانڪس ۾ اسڪوپ ڪو نه هو. اسان جي پڙهائي واري دور ۾ ٻئي سال(Change of Technology) COT پڻ ٿيندي هئي. پهرين سال ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي باوجود مون پنهنجي چوائس ساڳي رکي، جڏهن ته منهنجا ڪجهه دوست ٽيڪنالاجي تبديل ڪرائي ٻين شعبن ۾ ويا ۽ جڏهن اسان هاڻي ملندا آهيون ته هو پڇتائيندا آهن ته اسان اليڪٽرانڪس ڇو ڇڏي.

دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جو انقلاب برپا ڪندڙ ايپل (Apple) ڪمپني جو باني Steve Jobs جيڪو پئسا نه هئڻ ڪري پنهنجي پڙهائي کي جاري نه رکي سگهيو ۽ پنهنجو هڪ سيمسٽر موڪل (off) ڪري ڪيلي گرافي سکيائين. اڄ جيڪڏهن اسان وٽ ڪمپيوٽر گرافڪس آهي ته اها Steve Jobs جي ڪري آهي. اڄ اسان وٽ Apple iPhone آهي ته اها Steve Jobs جي ڪري آهي. اڄ جيڪڏهن اسان جي نئين ٽهي پڪسار (Pixar) اسٽوڊيو جي قسمين قسمين ٺهيل فلمن ٽوائي اسٽوري، (A Bug’s life) ڪارس، مونٽرس يونيورسٽي وغيره کان لطف اندوز ٿي ڄاڻ حاصل ڪري ٿي ته اُن جو پايو وجهندڙ Steve Jobs جنهن يونيورسٽي جي ڪينٽين تي برتن ڌوئي خالي دٻا ۽ ڪين ميڙي، جفاڪشي ڪري انسانذات لاءِ ڇا ڪجهه نه ڪيو آهي. ڇا اسان جي اکين جا لڙڪ بيهندا جڏهن اسان والٽر آئزڪ سن (Walter Isaacson) جيڪو پاڻ CNN جو چيئرمين ۽ Time مئگزين جو مئنيجنگ ايڊيٽر رهيو آهي) جي اسٽيو جابس تي لکيل بايوگرافي ۾ لکيل پڙهون ته شاگردي جي زماني ۾ اسٽيو جابس ڪڏهن ڪڏهن بنا ماني کائڻ جي سمهي پوندو هو يا وري هر آچر تي ڪنهن چرچ ۽ سوامي نارائڻ جي مندر ۾ ڍؤ سان ماني کائڻ ويندو هو. سچ ٿو ٻڌايان ته منهنجي اکين ۾ اُن مهل ڏاڍا لڙڪ آيا هئا جڏهن مون اهو جملو هُن جي بايوگرافي ۾ پڙهيو ۽ وري ساڳيو جملو جڏهن هتي لکان پيو. اسان سڀني کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته امريڪا ۾ به ڪو ماڻهو بکيا رهندا هوندا. مان توهان کي بلڪل تازي شايع ٿيل امريڪي سينسز بيورو جي رپورٽ جنهن ۾ لکيل آهي

“20.4 Million American live in extreme poverty”

ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو آمريڪا ۾ انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. منهنجي هن لکڻ جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته امريڪا ۾ ماڻهو غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن پر منهنجو مقصد اِهو آهي ته اسٽيو جابس جهڙا ماڻهو اهڙين حالتن ۾ اها شڪايت نٿا ڪن ته وسيلا (Resources)ڪو نه آهن. بدقسمتي سان اسان هر ڳالهه ۾ چوندا آهيون ته سائين وسيلا نه آهن، ان ڪري اسان ڪم نه ٿا ڪري سگهون. اسان جي نئين ٽهي کي هن ڳالهه تي غور ڪرڻ کپي ته هن دنيا جي هر انسان کي هڪ خاص صلاحيت ۽ هوشياري سان ڀرپور ڪري خلقيو آهي. اها اسان جي ذميداري آهي ته هن خاص صلاحيت کي ڳوليون جيڪا پنهنجي اندر آهي، ان هن دنيا ۾ اسان کي سٺن ڊاڪٽرن ۽ سٺن انجنيئرن سان گڏ، سٺا سائنسدان، سٺا استاد، سٺا مفڪر، سٺا وڪيل، سٺا آرٽسٽ، سٺا بورچي، سٺا مئنيجر، سٺا واپاري، سٺا زميندار، سٺا هاري، سٺا صحافي، سٺا مزدور، سٺا رازا، سٺا سياستدان، سٺا رانديگر، سٺا ڊرائيور، سٺا پلمبر وغيره وغيره سڀ سٺا کپن ۽ اسان کي اهو نه سوچڻ کپي ته فلاڻي اليڪٽرانڪس انجنيئر ٿي يا فلاڻي سرجن ٿي ڪاميابي ماڻي آهي ته آئون به ائين ئي ڪاميابي ماڻيندس. مون ۾ پروردگار جيڪي صلاحيتون ڏنيون آهن، انهن کي اجاگر ڪري مون کي ڪاميابي ماڻڻي آهي. اسان کي انهيءَ سوچ سان اڳتي وڌڻو آهي ۽ هن سوسائٽي ۾ هر وقت پيشي لاءِ سٺو ۽ جائز مقام پيدا ڪرڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *