ڊينمارڪ سفرنامو

پرمانند سوٽهڙ

غريب گهراڻي سان تعلق رکندي پنهنجي انٽرميڊئٽ سخت محنت ڪرڻ کانپوءِ ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، اهو ئي منهنجو ننڍپڻ جو خواب هو ته آئون مهراڻ يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪريان پر بدقسمتي سان بابا سائين جو ديهانت ٿي ويو. ڄڻ ته منهنجي دنيا اجڙي وئي ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته آئون وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهندس. پر عين وقت منهنجي وڏي ڀاءُ لڇمڻ داس مون کي همٿايو ۽ آٿت ڏني ته پنهنجي پڙهائي جاري رک ۽ ڪنهن به ڳالهه جو فڪر نه ڪر. انهي دل جاءِ کانپوءِ مون پنهنجي سخت محنت جاري رکي ۽ اڳتي وڌندو رهيس، مهراڻ يونيورسٽي ۾ گريجوئيٽس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مون پنهنجي زندگي جو هڪ ٻيو خواب هو ته مان ڪڏهن ٻاهرين ملڪ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪريان. جڏهن اهو خواب حقيقت بڻجي منهنجي سامهون آيو ته مون ۾ خوشي جي لهر  ڇائنجي وئي، ۽ مون کي يورپين يونين اسڪالرشپ جو موقعو مليو ۽ هن اسڪالرشپ منهنجي زندگي جي خوابن کي ساڀيان ڪيو، جنهن ۾ منهنجي شفيق استاد پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي ريفرنس ليٽر ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ وڏي ڀاءُ لڇمڻ داس سوٽهڙ جي حوصلا افزائي ڏيڻ کانپوءِ يورپ جي ملڪ ڊينمارڪ وڃڻ لاءِ تياري ڪئي.

آخر ڪار اهو ڏينهن 30 آگسٽ 2010ع تي جڏهن آئون ڊينمارڪ جي ڪاسٽروپ ايئرپورٽ تي صبح  11وڳي پهتس جيڪو ڊينمارڪ جي ڪيپٽل ڪوپنهيگن ۾ واقع آهي. اسان پاڻ ڇهه دوست سيف الله ميمڻ، نياز علي، غالب رضا، سليم رضا ۽ ابي وقاص ۽ مان پاڻ. انفارميشن تان معلومات حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسان ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ڪرائي جيڪا اسان کي  يونيورسٽي جي گيٽ تي پهچايو. جنهن اسان کان 100 ڪرونا ڪرائي جا ورتا، جيڪي پاڪستاني 6400 رپيا ٿين ٿا. جنهن مطابق هي ملڪ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي مهانگو  ملڪ آهي، پر هڪ ترقي يافته ملڪ ۾ پهچڻ کانپوءِ ڄڻ ته اسان جنت جو سير پيا ڪريون.البورگ يونيورسٽي ۾ پهچڻ کانپوءِ اسان  پنهنجي اسٽڊي سيڪريٽري مسٽر جيوڊي اسٽريڪ سان وڃي ملياسين، جڏهن ته ڊينمارڪ ۾ ڊينش زبان کي ترجيح ڏني ويندي آهي پر اسان جي اسٽڊي سيڪريٽري اسان سان انگلش ۾ ڳالهايو ۽ تمام سٺو ۽ ڪوآپريٽو ٿي ڳالهايو. ان جي ملڻ کانپوءِ اسان پنهنجي آڪوميڊيشن ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪئي. جيڪو 6 مهينن جو گهربل ڪانٽريڪٽ هو ۽ اها رهائش البرٽيلنڊ شهر ۾ واقع هئي. جڏهن يونيورسٽي پهچڻ لاءِ اسان کي هڪ ٽرين ۽  ٻه بسون تبديل ڪرڻيون پونديون هيون، جيڪا يونيورسٽي کان هڪ ڪلاڪ جي مفاصلي تي هئي.تمام جديد ٽيڪنالاجي تي مشتمل هن ملڪ ۾ ٽرينون ۽ بسون پنهنجي فڪس رکيل ٽائيم تي پهچي وينديون هيون. انهي جو مطلب ته ڊينمارڪ جا ماڻهو ٽائيم جا تمام گهڻا پابند هئا. هونئن به چوندا آهن ته جنهن ملڪ ۾ ٽائيم جو قدر آهي يا ان ملڪ جا ماڻهو ٽائيم جا پابند هجن ته ان ملڪ کي ترقي ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڊينمارڪ ۾ پنهنجي مڃتا ماڻي رهيو آهي.يونيورسٽي جي پهرين ڏينهن صبح جو اسان کي جنهن طرفان اسڪالرشپ ملي هئي، انهن سڀني جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جتي اسان ماسٽرس ۽ بيچلرس هئاسين. سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿياسين ۽ پوءِ هر هڪ جي اسٽيڊي ڪو آرڊينيٽر کي بورڊ ڏيئي ماسٽرس ۽ بيچلرس جي سڀني شاگردن کي الڳ الڳ ڪيو ويو. اسان جي ڪوآرڊينيٽر جڏهن بورڊ مٿي کنيو ته اسان سڀ ماسٽرس جا شاگرد ان وٽ وياسين ۽ ٻيا به شاگرد گڏ هئا، جيڪي يورپ جي آس پاس ملڪن سان تعلق رکندڙ هئا.پهرين اسان جي ڪو آرڊينيٽر پنهنجو تعارف ڪرايو. اسان کي پهرين هفتي ۾ ڪلاس، آفيسون ۽ ليب جو سٺي نموني سان معائنو ڪرايو ويو. هڪ هڪ آفيسر ۽ انچارج سان ملايو ويو. اهو سڀ ڏسي اسان کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي ۽ هن پوري هفتي ۾ اسان کي ڊينمارڪ جي ثقافت، رهڻي ڪرڻي ۽ ريت رسم رواج مطابق ٻڌايو ۽ پريزنٽيشن ڏنيون ويون ۽ ان مان اسان کي اها به خبر پئي ته ڊينمارڪ ملڪ جي ٽوٽل آبادي صرف 5.5 ملين آهي ۽ اتي 50 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙڻو پوندو آهي. تمام گهٽ آبادي تي مشتمل هي ملڪ ۽ وري ايتري ترقي ڪندڙ ۽ تمام گهڻو ٽيڪس لاڳو ڪندڙ ڪڏهن اسان کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن ملڪ ايتري ترقي ڪيئن ڪئي. پر تمام خوبصورتي تي مشتمل هي ملڪ ايترو ته سهڻو هو جو مان پنهنجي زندگي ۾ اهي سفر جا ڏينهن وساري نٿو سگهان.يونيورسٽي جي ٻئي هفتي ۾ اسان کي پنج سبجيڪٽ ۽ هڪ پروجيڪٽ جو ٽائيم ٽيبل ڏنو ويو. پهرين اسان سوچيو ته هيترو سارو اسان ڪئين پڙهي سگهنداسين پر جڏهن انهن سڀني سبجيڪٽن جي وضاحت ۾ وياسين ته سڀ سبجيڪٽ وڏي اهميت رکندڙ ۽ وڌائندڙ هئا. آخر ڪار اهو ئي فيصلو ڪيوسين ته سڀ سبجيڪٽ پڙهنداسين. انهن سڀني سبجيڪٽن کي پڙهڻ کانپوءِ، تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئيسين ۽ پروجيڪٽ ڪرڻ کانپوءِ اسان کي ريسرچ ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ اها به خبر پئي ته ريسرچ ڪئين لکجي.ان پروجيڪٽ ۾ اسان کي ٻه سپروائيزر ڏنا ويا. جڏهن ته هنن جي پڙهائڻ جو طريقو ئي الڳ هو. هن سبجيڪٽ ۾ هنن اسان کي هڪ نرالو روم ڏنو، جيڪو گروپ ۾ وڌ ۾ وڌ پنج ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽي شاگردن تي مشتمل هوندو هو ۽ هن سبجيڪٽ جو مطلب ئي هي هو ته توهان اڪيلائي ۾ ته پڙهندا آهيون ۽ سڀ ڪجهه سوچيندا آهيون پر جيڪڏهن توهان هڪ گروپ ۾ ڪم ڪريو ۽ ان جو جيڪو فيصلو ڪريو اهو سڀ اهڙي طريقي سان ڊسٽريبيوٽ ڪريو، جهڙي طرح جيڪو جنهن فيلڊ سان مائل هجي ۽ آخر ۾ هڪ الڳ الڳ ٿيل جو مواد گڏ ڪري پوءِ گڏي ڪري جمع ڪرايو، جنهن ۾ توهان کي پروجيڪٽ ٺاهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي ۽ فائنلي به هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي پورشن مان سوال پڇيا ويندا. هن سبجيڪٽ پڙهڻ ۾ اسان کي تمام گهڻي گروپ ۾ ملي ۽ اهو سبجيڪٽ اسان جي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ نه پڙهايو ويندو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته  هن سبجيڪٽ جي پڙهڻ سان شاگردن ۾ ڀائيچاري، اتحاد ۽ جلدي ڪم ڪمپليٽ ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي ۽ اهو سبجيڪٽ جيڪڏهن اسان وٽ پڙهايو وڃي ته تمام سٺو اثر ثابت ٿيندو، ڏيڻ کانپوءِ ۽ سٺا گريڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ زباني امتحان اسان يورپ جي ڀرپاسي وارن ملڪن جهڙوڪ فرانس، سئيڊن ۽ جرمني جو پڻ دورو ڪيو ۽ تمام گهڻو اينجوائي ڪيوسين. خاص ڪري دنيا جي خوبصورت شهر پئرس ۾ تمام گهڻو مزو آيو ۽ اتي اسان ايفل ٽاور ۾ اها برج به ڏٺي سين جتي برطانيا جي شهزادي ليڊي ڊائنا جو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو ۽ هي شهر واقعي دنيا جو خوبصورت ۾ خوبصورت شهر آهي، يورپ جي ملڪ ڊينمارڪ جي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ مون کي اتي جي ريتن، رسمن ۽ روايتن کي سمجهڻ جو موقعو مليو، آئون سمجهان ٿو ته يورپ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ هڪ اعزاز آهي ۽ اميد ته اڳتي به اهڙا موقعا ملندا رهندا، آئون مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد کي اهو پيغام ڏيان ٿو ته اهڙين سونهري موقعن کي هٿان نه وڃائين ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي تمام گهڻي عزت ڪن ۽ انهن  جي دعائن سان اسان جي ڪاميابين جا دروازا کلن ٿا، آخر ۾ رب تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان جنهن مون کي هن خوبصورت موقعي جي قابل سمجهيو ۽ ان موقعي کان نوازيو.

Leave a Comment