Uncategorized

پنهنجي تجربي مان

It is better to light a candle than to curse the darkness”. (Old Chinese proverb) 

(اوندهه کي لعنت ڏيڻ کان بهتر آهي ته هڪ ميڻ بتي ٻاريو)

شيڪسپيئر صحيح چيو آهي ته ”هر گذرندڙ وقت ڊرامي جي (ايڪٽ) وانگر آهي ۽ اسان سڀ ماڻهو اداڪار آهيون, جيڪي پنهنجو ڪردار عمدگيءَ سان نڀائي رهيا آهيون.“

مون کي ٽيچنگ جي شعبي ۾ ڪم ڪندي تقريبن 32 سال ٿيڻ وارا آهن. انسان ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو سوچڻ تي مجبور ٿيندو آهي ته اها اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي، يونيورسٽي ۾ ليڪچرار طور جوائن ڪيوسين ۽ اڄ اُن کي 32 سال گذري ويا. وقت واقعي بادشاهه آهي جو ڪنهن جو خيال ڪو نه ٿو ڪري. اسان کي وقت سان گڏ پنهنجو خيال پاڻ کي ئي رکڻو پوندو. 1990ع ۾ انگلينڊ مان PhD مڪمل ڪري جڏهن واپس پنهنجي مادر علمي مهراڻ يونيورسٽي کي join ڪيم ته تمام گهڻو دل ۾ اتساهه ٿيو ته پنهنجي اداري لاءِ، پنهنجن شاگردن سان، پنهنجي قوم لاءِ، پنهنجي وطن لاءِ ڪجهه اهڙو سٺو ڪم ڪجي، جيئن مهراڻ يونيورسٽي جو نالو ٿئي ۽ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ قومي ليول تيRecognition ملي. اهو سوچي جُون 1990ع ۾ اسان ٽن استادن اُنهن ۾ سينئر پروفيسر ڊاڪٽر فيض الله عباسي (جيڪي هينئر دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جا وائيس چانسلر آهن) ڊاڪٽر نصرالله ميمڻ (جيڪي هاڻي ڊينمارڪ ۾ پروفيسر آهن) ۽ ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري (آئون پاڻ) گڏجي هڪڙي ميٽنگ ڪري اهو طئي ڪيوسين ته اسان هڪڙي 3 ڏينهن جو نيشنل ليول تي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي تي وڏي ۾ وڏي ڪانفرنس، 2 ڏينهن ۾ سڄي پاڪستان جي انجنيئرنگ يونيورسٽي مان شاگردن جي پروجيڪٽس جي نمائش ۽ ڊاڪٽر فيض الله عباسي جي لکيل مونوگراف “All you know about corrosion” جي مهورت ڪجي ۽ ان سڄي ميگا ايونٽ جو نالو ٽيڪنو 91 (Techno 91) رکجي. اها ڳالهه سڄي يونيورسٽي ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي ويئي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن ۽ ان وقت جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدلاحد ابڙو هن آئيڊيا کي گرمجوشي سان قبول ڪيو. مان اهو ٻڌائيندو هلان ته هن ٽن ڏينهن جي پرگرام کي Flagship event وارو اخبارن ڪوريج ڏنو. اسان جي اُن وقت جي قومي نشرياتي اداري PTV به پنهنجي نائين بجي وارين خبرن ۾ هيڊ لائين سان ڪوريج ڏني.

اسان جي پروگرام ۾ پهرين ڏينهن اُن وقت گورنر محمود هارون کي اچڻو هو پر هو دل جي باءِ پاس لاءِ آمريڪا ويو ۽ ايڪٽنگ گورنر جسٽس سعيد زمان صديقي اچي Techno91 جو افتتاح ڪيو. اسٽيج تي گورنر سان مٿي ويهڻ وقت ڏاڍو عجيب محسوس پي ٿيو، ته آئون ڏاڍو جونيئر آهيان، منهنجا پنهنجا سينئر استاد هيٺ ويٺا آهن، پر پوءِ جڏهن خير سان سڄو event ختم ٿيو ته مون کي انهن سينئر استادن ڏاڍي شاباس ڏني ۽ سڀني اهو چيو ته “You deserve it, and we are proud of you” اهو جذبو ڏسي مون کي اڃا وڌيڪ همٿ ٿي. اسان جي محنت ڪڏهن رائيگان ڪانه ويندي آهي. جڏهن آئون گهر آيس ته مون پنهنجي زال کي ٻڌايو ته هر ڪنهن منهنجي ٿوري وقت ۾ ايترو وڏو ڪم ڪرڻ تي تعريف ڪئي آهي- ۽ آئون به ڪنهن ڪنهن وقت تعريف ٻڌي ڦونڊجي پي oيس ۽ wife جيڪا اڄڪلهه جي دور جي حساب سان گهٽ پڙهيل آهي, اُها چوندي هئي ته جڏهن به ڪو توهان جي تعريف ڪري توهان بلڪل وڏائي محسوس نه ڪريو, پر توهان چئو ته اهو سڀ ڪم مالڪ جي مهرباني ۽ توهان سڀني جي دعائن سان سڦل ٿيو آهي. اها ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي ۽ منهنجي زندگي جو حصو بڻجي ويئي ته انسان کي هميشه عاجز (humble) هئڻ گهرجي. مون انهيءَ Techno91 جي اخبارن واري نيوز ڪوريج ۽ ڪجهه بروشر پنهنجي PhD واري استاد Prof Johan Brignell کي موڪليا ۽ هن پنهنجي خط رستي جواب ۾ ڏاڍو داد ڏنو ۽ اهو به لکيائين ته واقعي پاڪستان ۾ اهڙي وڏي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي هوندي پر انسان جيڪڏهن خلوص نيت، محنت، جذبي سان ڪهڙي به ڏکئي ڪم ۾ هٿ وجهندو ته اهو ڪم قدرت ان جي لاءِ آسان ڪري ڇڏيندي آهي. مون کي پروفيسر برگنيل جي ڳالهه واقعي ٽِرگر ڪيو ۽ هن وقت تائين چار سئو کان وڌيڪ سيمينار، ليڪچر، ورڪشاپ، ٽريننگ سان گڏوگڏ IMTIC نالي جون انٽرنيشنل ڪانفرنسون، جڳ مشهور جرمني جي پبلشر Springer ۾ communication in computer and information science (CCIS) سيريز ۾ ڪتاب لکڻ، يورپين يونين جي Erasmus Mundus پروگرام کي ”پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ، پروفيسر عبدالسلام جي قائم ٿيل انٽرنيشنل سينٽر فار ٿيوريٽيڪل فزڪس ۾ به يونيسڪو گيسٽ سائنٽسٽ جي حيثيت سان 12 سال لاڳيتو وڃي microprocessor lab ۾ ڪم ڪرڻ قابل ذڪر آهن.

آئون هڪڙو عاجز انسان آهيان. آئون پنهنجي تعريف نٿو ڪرڻ چاهيان پر ضرور آئون هر ڪنهن کي motivate ڪرڻ ٿو چاهيان ته هر جاءِ تي اسان کي سهولتون ۽ ماحول نه ملندو آهي. اهي شيون اسان کي ٺاهڻيون پونديون آهن. اسان کي خبر هئڻ گهرجي ته هن جڳ جي مالڪ هر انسان کي خاص اهليت، ٽيلينٽ ۽ خوبين سان نوازيو آهي. هاڻي اهو اسان کي ئي ڪوشش ڪري پنهنجي پاڻ ۾ اُنهن خاص خاصيتن (qualities) کي ڳولڻو آهي ۽ انهن جو صحيح استعمال ڪري زندگي جو مقصد حاصل ڪرڻو آهي. هڪ استاد جي حيثيت سان اسان جو فرض آهي ته اسان پاڻ کي اهڙي والدين جيان ٺاهيون جيڪي جيتري پنهنجن ٻارن سان محبت ڪندا آهن اُها ئي محبت اسان پنهنجي هر شاگرد کي ڏيون. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي خود احتسابي (Self Assessment) روزانه جي بنياد تي ڪيون. جيڪڏهن ڪنهن ڪار کي باقاعدگيءَ سان چيڪ نه ڪبو ته اُها خراب ٿي ويندي آهي، پوءِ ڀلي اُها ڪار سٺي ماڊل جي ڇونه هجي ۽ ڊرائيور ڪيترو به ماهر ڇونه هجي. اسان کي پنهنجون خاميون ۽ ڪمزوريون ڳولڻ گهرجن ۽ اُنهن کي ڪيئن ختم ڪجي اُن تي سوچڻ کپي ۽ هر وقت پنهنجي ٽيوننگ ڪرڻ گهرجي. پنهنجي پالڻهار تي يقين ۽ پنهنجو پاڻ تي اعتماد اهڙيون قوتون آهن، جيڪي اسان کي هميشه ڪاميابي ۽ ترقيءَ جي نئين منزل تائين پهچڻ ۾ ڏاڍيون مددگار ٿينديون آهن ۽ اها وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اسان زندگي جا ڪامياب شاگرد ٿي ايندڙ نسلن لاءِ رول ماڊل ٿيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *