Uncategorized

سنڌ جي اعليٰ تعليم ۾ بهتري ڪيئن آڻجي؟

دنيا جي اسريل ملڪن تي نظر ڊوڙائجي ته اسان کي احساس ٿيندو ته انهن جي ترقي جو دارومدار تجزياتي ۽ سائنسي بنيادن تي کوجنا ڪري روز مره جي زندگي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ سان وابسطه آهي. جڏهن به اسان ڪنهن ترقي يافته ملڪ جي پروفيسر جي Talk ڪرائيندا آهيون ته اهي سدائين چوندا آهن ته توهان پنهنجي چوگرد مسئلا ڳوليو. اسان جڏهن مسئلو ڳوليو آهي ته تحقيق جي بنياد تي وري ڪيترائي حل سامهون نظر ايندا آهن. مثال طور اسان سڀ روزانو ڏسندا آهيون ته پاڻي واري موٽر هلائڻ کانپوءِ ٽانڪي ڀرجي ويندي آهي. الائي ڪيترو پاڻي ۽ بجلي جو زيان پيو ٿيندو آهي پر اسان هڪ سادو 200 رپين وارو ليور سينسر لڳائي انهي زيان کي بچائڻ لاءِ نه سوچيندا آهيون. 36 سال اڳ آئون جڏهن انجنيئرنگ پاس ڪري مهراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيم ته ان وقت فيلڊ جي پگهار ۽ ڪمائي ليڪچرار جي پگهار کان گهڻو وڌيڪ هئي. اتفاق سان آئون هڪ وڏي عمر واري بزرگ وٽ ويٺل هئس ۽ ڳالهه بچت جي نڪتي. هن بزرگ جي ڳالهه مونکي هيانءُ سان لڳي، جنهن ۾ هن چيو ته Money Saved is Money Earned مطلب ته توهان ڀلي لکين رپيا ڪمايو پر بچت نٿا ڪريو ته توهان ڪجهه به حاصل ناهي ڪيو. اهو ئي حال اڄڪلهه اسان جي معاشري جو آهي ته ڪنهن به ڳالهه تي اسان پاڻ نٿا پتوڙيون.
اسان جي اعليٰ تعليمي ادارن کي هر وقت اهو سوچڻ کپي ته اسان توانائي ڪيئن بچايون؟ اسان زرعي پيداوار ڪيئن وڌايون؟ اسان روڊن تي ٿيندڙ حادثن کي ڪيئن گهٽايون؟ اسان اهڙو مٽيريل ايجاد ڪريون ته جيئن اسان جون بلڊنگون بنا اي سي جي ٿڌيون رهن. اسان پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان ڪيئن بچايون؟ اهڙي سوچ لاءِ استاد جو ڪردار اهم آهي. اعليٰ تعليم ۾ بهتري آڻڻ جي وڏي ذميواري استادن جي ڪلهي تي اچي ٿي، بدقسمتي سان اسان وٽ ٽيچنگ جي شعبي ۾ گهڻو ڪري اهي خواهشمند هوندا آهن، جن کي ٻاهر وڃڻ جو شوق هوندو آهي يا سي ايس ايس ڪرڻي هوندي آهي يا وري آرامده ڊيوٽي جا شوقين هوندا آهن. مطلب ته اعليٰ تعليم جي اداري جي ٽيچنگ واري نوڪري کي هڪ عارضي پليٽ فارم طور استعمال ڪبو آهي. جڏهن ته ٽيچنگ پروفيشن Highly Demanding شعبو سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ Dedication Commitment سان گڏوگڏ ولولو ۽ استاد جي body language اهميت رکنديون آهن. پوئتي پيل ملڪن ۾ استادن جا ٻه قسم ڳڻيا ويندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي ڪلاس ۾ رڳو ڊيوٽي پوري ڪرڻ لاءِ ويندا آهن، ٻيا اهڙا استاد هوندا آهن جيڪي وري ڄاڻ يا سکيا ڏيڻ ايندا آهن ۽ اهي ٽيچنگ کي پنهنجو Passion سمجهندا آهن. اهي استاد اهڙا هوندا آهن جو انهن جو هڪ جملو شاگردن جي زندگي کي Transform ڪري ڇڏيندو آهي. اهي استاد شاگردن کي پڙهائڻ مهل انهن جو Concept /ڏسو صفحو 8 بقايا 6
ڪليئر ڪندا آهن. اهي شاگردن کي همٿ ڏياريندا آهن ته توهان ۾ تمام گهڻو Potential آهي، توهان پاڻ کي روز Re-asses ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي Re-invent ڪيو. ان لاءِ اشد ضروري آهي ته اسان جي استادن جي سليڪشن ۽ ان کانپوءِ معياري ٽريننگ ٿيڻ کپي. توهان پاڪستان جا سٺا تعليمي ادارا کڻي ڏسو، رينڪنگ ۾ صرف اهي اڳتي آهن، جن ۾ استاد هڪ اعليٰ معيار جي ليول رکن ٿا. ٻيو مسئلو اسان جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ Intake جو آهي. اسان کي سوچڻ کپي ته ترقي يافته ملڪن جي تعليمي ادارن مان نڪتل هر شاگرد ڇو ڪاميابي ماڻيندو آهي؟ ان جو خاص سبب هن ٻار جو Aptitude ڏسبو آهي. قدرت هر ٻار ۽ هر انسان ۾ ڪانه ڪا صلاحيت ۽ مڻيا رکي آهي پر اسان جي معاشري ۾ اسان هن کي ڊاڪٽر، انجنيئر يا پوءِ ٻين شعبن ۾ زوري گهيڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جنهن ڪري انهن جون قدرتي صلاحيتون مري وينديون آهن. اسان کي سٺا انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ضرور کپن پر ان سان گڏوگڏ سٺا استاد، سٺا وڪيل، سٺا آرٽسٽ، سٺا جرنلسٽ، سٺا فلاسافر، سٺا معاشيات جا ماهر به کپن. اسان وٽ هر ڪلاس ۾ شاگرد جي ليول هڪ کان ڏهه جي اسڪيل تي ڏاڍو Vary ڪندي آهي، توهان کي ڪلاس ۾ 20 سيڪڙو تمام سٺا شاگرد ملندا. وري 40 سيڪڙو ايوريج شاگرد ملندا ۽ باقي 40 سيڪڙو Below Average ملندا اهڙي صورت ۾ سٺي استاد لاءِ به وڏي مشڪل ٿيو وڃي ته هو ڪهڙي ليول تي پڙهائي؟
بهرحال اسان کي اعليٰ تعليم کي سڌارڻ لاءِ هيٺ ڏنل قدم کڻڻ کپن.
1: استادن جي معياري سليڪشن ۽ پوءِ پراپر ٽريننگ 2: شاگردن جي سڄي ڪلاس کي at par آڻڻ لاءِ zero semester يا foundation course متعارف ڪرائڻ 3: شاگردن جي soft skills سڌارڻ لاءِ شارٽ ڪورس ڪرائڻ 4: انڊسٽريل ڪوليبريشن وڌائڻ لاءِ هر ڊيپارٽمينٽ ۾ Industry advising board ٺاهڻ 5: انٽرنيشنل Exchange پروگرام متعارف ڪرائڻ 6: شاگردن کي cooperation learning جي سهولت فراهم ڪرڻ 7: هر سبجيڪٽ ۾ Problem and project based learning متعارف ڪرائڻ 8: اعليٰ تعليمي ادارن ۽ ريگيولر بنياد تي پنهنجي Alumina جي تجربيڪار سينيئر گريجوئيٽس کي گهرائي انهن جا ليڪچر ڪرائڻ ۽ انهن جي تجربي مان فائدو وٺڻ 9: شاگردن جي پروفيشنل ڊولپمينٽ لاءِ انهن کي نيشنل ۽ انٽرنيشنل پروفيشنل آرگنائزيشن سان ويجهو آڻڻ 10: هر ڊپارٽمينٽ ۾ انڊسٽريل ريسرچ چيئر متعارف ڪرائڻ.
(هن مضمون جو ليکڪ مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ايمرائٽس آهي، جيڪو مادر علمي ۾ ڊين پڻ رهي چڪو آهي)

Originally published in Pahenji Akhbar

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *